ڪابل -14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابل ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان افغانستان جي نئين مقرر ڪيل ??رڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي غور ويچار ڪيو. پاڪستاني سفير منصور احمد خان ط??فان جاري ڪيل ??وئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ خاص طور تي انساني همدردي، معيشت ۽ عوامي سطح تي هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڳا??هي??ن ڪيون ويون.