اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي موجُوده دور جي گهرجن سان هم آه??گ ڪيو پيو وڃي، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان پروگرام آڻي رهيا آه??ون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ??جي??ل ايڊورٽائزنگ پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، ڪيبل جي ??جي??لائيزيشن جي عمل سان چئنلز جي ريٽنگ ۾ شفافيت ايندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف وڃي رهيا آه??ون، پاڪستان ميڊيا چئنلز کي عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس جي صدر ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني چئنلز عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهيا آه??، ملڪي نيوز چئنلز تي صرف ملڪي سياست تي ئي ڳالهه ٿيندي آه??، هن چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪئي پر پاڪستاني ٽي وي چئنلز تي ان با??ت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي کي ??جي??ل نيوز ايجنسي بڻائي رهيا آه??ون، ان جو فائدو پاڪستاني ميڊيا کي به ٿيندو، وزارت جي ??جي??ل ميڊيا ون?? کي اي پي پي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت اي پي پي کي رائٽرز ۽ ايجنس فرانس پريس (اي ايف پي) جي برابر آڻڻ لاءِ پرعزم آه??ون.