اسلام آباد – 09 جون (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل آهي، پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته شيهي جي ديوار ??ابت ٿينداسين، حڪومت بار ??يسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آهي، بار ??يسوسيئيشن جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت جي ان ۾ ڪا به مداخلت نه آهي، انصاف لائيزر فورم جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون، اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف لائيرز فورم راولپنڊي اسلام آباد جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار ??هباز گل ۽ ايڊوڪيٽ جنرل نياز الله نيازي به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، راولپنڊي ملتان ۽ پنجاب بار ڪائونسل پنهنجون چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، ٻيون بار ??يسوسئيشنُون به ٽيڪنالاجي جي استعمال مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل آهي، پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته شيهي جي ديوار ??ابت ٿينداسين، هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي قرضن جي فراهمي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهه ڪئي آهي، ڪامياب نوجوان پروگرام تحت نوجوان وڪيلن کي 10 لک روپين تائين قرض فراهم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به وڪيلن کي شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.