نوشهره – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور ماڻهو، قانون جي هيٺ نٿا اچڻ چاهين، پي ڊي ايم جهڙو اتحاد ٺاهي وٺندا آهن، اهي چاهين ٿا ته اهي چوري ڪن، ڌاڙا هڻن ۽ مني لانڊرنگ ڪن پوءِ به ڪير انه?? کي نه پڪڙي، سڀني شعبن ۾ مافيا ويٺل آهي، شوگر مافيا مهانگي کنڊ وڪرو ڪندي آهي ۽ ٽيڪس ناهي ڏيندي، ڪمزور ۽ طاقتور ??ي لاءِ قانون هڪ هجڻ گهرجي، موجوده حڪومت سستي گهرن جو ??واب پڄاڻي تائين پهچايو، بئڪ?? کي غريب ماڻه?? کي قرض ڏيڻ جي عادت نه آهي، قرض کي جاري ڪرڻ جو ??مل تيز ڪرڻ گهرجي، جيڪو معاشرو پنهنجي ڪمزور ۽ غريب طبقي جو ??يال ناهي رکندو اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، پناهگاهن جو ??لسلو سڄي ملڪ ۾ پکيڙينداسين، آبادي وڌڻ ۽ شهرن جي پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيندا، نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي سان گهٽ آمدني وارن ماڻه?? کي پنهنجو گهر ميسر ايندو. وفاقي حڪومت هر گهر تي 3 لک سبسڊي فراهم ڪندي، هن اهڙن خيالن جو ??ظهار نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت جلوزئي هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿ?? رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.