اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ج?? ڪورونا وي??سين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي، عوام کي گمراهه ڪرڻ مولانا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو، سياسي اڳواڻ اختلافن کي هڪ پاسي رکندي ماڻهن ج?? رهنمائي ڪن، ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، اهو چوڻ ته وز??راعظم کي ڪورونا وي??سين کانپوءِ ڪورونا ٿيو صحيح نه آهي، اسان سڀ وز??راعظم ۽ خاتون اول جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون، ڪورونا ڪنهن ۾ به فرق نه ٿو ڪري نه ئي ڪا رعايت، گذريل 8 مهينن ۾ ڪورونا متاثرين ج?? شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، خطي جي ٻين ملڪن ج?? ڀيٽ ۾ ملڪي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي، چاهيون ٿا ته ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ماڻهن ج?? روزگار ۽ زندگيون محفوظ هجن، ڪورونا جي موجوده لهر ۾ وي??سين ج?? دستيابي خوش آئنده آهي، ڪورونا جي خاتمي لاءِ نظم ۽ ضبط سان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ ا?? لاءِ ناڪام ٿي ڇو ته ان ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه نه هو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.