اسلام آباد – 10 8211; مئي (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت ڳالهه بولهه دوران معاشي تعاون، ??يڙپڪاري ۽ واپار ۾ سهول?? فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو، ماضي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت جي ٻطرفن دورن سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل دوستاڻن لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. وزيراعظ?? عمران خان جمعي کان سعودي عرب جو ٽن ڏينهن دورو شروع ڪيو. ان دوري جو مقصد واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن جي فراهمي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻي هئي.