اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڏيون معيشتون رکندڙ ملڪن کا?? موسمياتي تبديلين جي چئلينج جو مقابلو ڪ??دڙ پا??ستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع سوچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪ??دي چيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته دنيا جي وڏين معيشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو لمحو هوندو ته هو پا??ستان جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد لاءِ اڳتي ايندا ۽ جيڪي گئس خارج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پوريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پا??ستان ان معاهدي جي لاءِ وڙهندو جيڪو پنهنجي شهرين ۽ دنيا جي لاءِ آبهوا کان محفوظ مستقبل فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيا?? موجب برطانوي اخبار دي ٽائمز ۾ شايع پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪ??و ته عالمي آبهوا جي رسڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل آبهوا جي اثرن کي پا??ستان جي لاءِ اٺين شديد ترين خطرو قرار ڏنو آهي.