اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پا??ندي نه آهي، ڪجهه ??ينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پا??ٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سي??يٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سي??يٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پا??لي??مي??ٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتري جي منصوبابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.