اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جا??ي ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جا??ي ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون وي??ن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وي??ٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 97 ما??هن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 46 ما??هو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ما??هو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وي??ٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب ??ي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سي??ڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سي??ڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب ??ي لحاظ کان پشاور ۾ 50 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 37 سي??ڙو ۽ راولپنڊي ۾ 28 سي??ڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 574 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 519، پنجاب ۾ 14 هزار 411، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 207، اسلام آباد ۾ 5 هزار 264، بلوچستان ۾ 555، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ڪشمير ۾ 238 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 67 هزار 234 ٿي چڪو آهي.