اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ وفاقي حڪومت جي فنڪارن جي ڀلائي جي فنڊ (ف??ڊر?? گورنمينٽ آرٽسٽس ويلفيئر فنڊ) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو 10 هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ مالي مشڪلاتن جو شڪار ۽ بيمار فنڪارن کي مالي مدد ڏيڻ جو جا??زو ورتو ويو. اجلاس ۾ ملڪ جي مستحق ۽ ضروتمند فنڪارن کي امداد جي فراهمي جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جا??زو ورتو ويو. اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته هن وقت فنڪارن جي ڀلائي لاءِ دستياب 250 ملين رپين جو فنڊ ناڪافي آهي ڇو ته اهڙن فنڪارن جو انگ ان رقم جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ آهي جن جون حالتون بهت?? نه آهن ان لاءِ ڪميٽي انهن جي مالي مدد جي لاءِ انڊومينٽ فنڊ کي 250 ملين رپين مان وڌائي هڪ ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني.