اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامي تعليم، تاريخ، تمدن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ڪورونا رليف فنڊ جي حو??لي سان پاڪستانين جو جذبو ساراهه جوڳو آهي، انسانيت جي خدمت جو اهو ئي جذبو اسان جي معاشري جي اصل طاقت ۽ خوبي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر فيصل جاويد سان مل??قات دوران ڪيو. مل??قات ۾ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تهذيب ۽ ثقافت ۽ فنون لطيفه جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حو??لي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مل??قات ۾ خا?? طور تي ڪورونا رليف فنڊ جي حو??لي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسلامي تعليم، تاريخ، تمدن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انسانيت جي احترام ۽ احساس تي ٻڌل قدرن کي اجاگر ڪيو وڃي.