اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو کانپوءِ احتساب ري??ست جو اهم مقصد بڻجي چڪو آهي، احتساب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو کان شروع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، نيب قانون موجب ج??هن تي الزام لڳندو آهي اهو ثابت ڪندو آهي ته منهنجي دولت جائز آهي يا نيب جو الزام درست آهي، قومي ا??تساب بيورو اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي خبر بڻائڻ اخبار جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، دنيا ۾ احتساب جمهوري حڪومتن جي قيام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مسلمانن لاءِ احتساب جو نظام حضور صه جي دور ۾ شروع ٿيو، مديني جي ري??ست هر مسلمان جو خواب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.