اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فائن اٽي جي برآمد تي حڪومت پابندي هڻي ڇڏي آهي، ڪڻڪ جو مصنوعي بحران پيدا ڪندڙن جي خ??اف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ چيو ته وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام تائين ??ست?? ماني ۽ اٽي جي فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ ذخيره اندوزن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.