اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان اسلام آباد ۾ مقرر چيني ناظم ??لامور پانگ چن شوئي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چيني ناظم ??لامور پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ چين جي ناظم ??لامور پانگ چن شوئي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ چين دوستي دنيا ۾ پائيدار ۽ مسلسل لاڳاپن جو هڪ لازوال مثال آهي. هن چيو ته پاڪ چين ??قت??ادي لنگهه جو منصوبو خطي ۾ واپاري عمل کي فروغ ڏيندو، پاڪستان دنيا جي سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جو خواهشمند آهي.