اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن، روانگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بحالي ۽ آٽو موبائيلز جو وڪرو وڌيو آهي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهن، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته معاشي صورتحال خراب هئي، اڌ کان وڌيڪ ٽيڪسز قرضن جي ادائيگي تي خرچ ٿيندا هئا، ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، جيڪڏهن ماضي جي قرضن جو بار نه هج?? ها ته صورتحال وڌيڪ بهتر هج?? ها، گذريل چار مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو. موسمي حالتن جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، آئنده ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪنهن به قسم جي کوٽ نه هوندي، موثر معاشي پاليسين سان 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آهي، وزيراعظم عمران ??ان ??هڙن خيالن جو اظهار اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ??ي اهتمام هيٺ نيا پاڪستان ??رٽيفڪيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.