شيخوپوره – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته و??ا خواب ڏسندڙ ئي وڏا ڪم ڪندو آهي، راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ذريعي نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي رهيو آهي، ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي هليا ويا، قرضن جي واپسي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا جن??ن سان مشڪلاتون اچي رهيون آهن، هو راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي سنگ بنياد رکڻ کي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته مون کي ان من??وبي ۾ نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي رهيو آهي، ان من??وبي ۾ سمورو پئسو نجي شعبي کان ايندو جڏهن ته حڪومت صرف سهولتون فراهم ڪندي، اوورسيز ان من??وبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گه??ي دلچسپي وٺي رهيا آهن.