اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز سينئر صحافي سهيل عبدالناصر جي لاڏاڻي تي گهري ??ک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته سهيل عبدالناصر پيشيوراڻي اصولن تي ڪاربند صحافي هو، هو ذاتي طور تي انتهائي کري ڪردار جو مالڪ هو، صحافت جي شعبي ۾ سندس خدمتن کي ??دائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله ت??اليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي ??بر جميل عطا فرمائي.