اسلام آب??د ?? 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي عوام جي محرومين جي موثر ازالي لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني بلوچستان جو دورو ڪرڻ ??و حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس مان باقاعده حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. حڪم نامي موجب بلوچستان صو??ي جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني صو??ي جو دورو ڪرڻ ??و حڪم ڏنو ويو آهي. حڪم نامي ۾ چي?? ويو آهي ته سڀئي وفاقي سيڪريٽريز هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو بلوچستان صو??ي وڃن ۽ پنهنجي وزارت، ڊويزن، اداري بابت معاملا ترجيح بنيادن تي حل ڪن.