اسلام آباد ??? 05 مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سان ملاقات ۾ مشهور سياس?? شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزير??عظ?? چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وزير??عظ?? جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪي??، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزير??عظ?? منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پاران ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزير??عظ?? عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزير??عظ?? عمران خان جي مثالي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.