اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ماحول کي آلوده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصوبي تي عملدرآمد ۾ اسپارڪو کان سيٽلائيٽ جي ذريعي به مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پ??ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي?? منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي خاص معاون امين اسلم، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گرين هائوس گيسز جي تازي صورتحال ۽ 10 ار?? وڻ لڳائڻ جي پروگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج جي اضافي جي شرح معمول جي طئي ڪيل هيٺين سطح کان 9 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته اها شرح قومي سطح تي مقرر ڪيل هدفن کان به هيٺ آهي. اها ماحول دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 ار?? وڻ لڳائڻ جي سونامي پروگرام جي ڪري حاصل ٿي آهي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ٻڌايو ته وڻ وڍڻ جي شرح ۾ نمايان طور تي گهٽتائي آئي آهي، 2012ع کان 2016ع جي دوران اها گهٽتائي ساليانو 12 هزار هيڪٽرز کان گهٽ ٿي 8 ??زار هيڪٽرز تي اچي وئي آهي ۽ 10 ار?? وڻ لڳائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ع??لم?? سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پ??ڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي.