اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي ۽ خاص معاون ڊا??ٽر بابر اعواڻ چيو آهي ت?? مخالف ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ جي فورم کي پنهنجي ڪارن ڪرتوتن کي لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عدالتون ۽ قانوني ادارا سوال ڪن ته ان جو جواب ڏيڻو پوندو، اين آر او رليف جو نالو، بچاءُ جو پروگرام ۽ ڇوٽڪاري جو هڪ رستو آهي جنهن جي آڙ ۾ ٻن وڏين پارٽين اڳتي وڌڻ پئي چاهيو، اسان سياسي انتقام جا قائل نه آهيون پر احتساب جي عمل تان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ پٺتي نه ٿي هٽي سگهي، خواجه آصف سياسي انتقام جي پٺيان نه لڪي، پنهنجي مني ٽريل ٻڌائي ت?? جيئن سندس جان آجي ٿي سگهي، جيڪڏهن استعيفيٰ ڏيڻ چاهين ٿا ته ??وء?? ضمني چونڊن ۾ حصو ۽ ضمني چونڊن جون تياريون ڇو ٿي رهيون آه??، فالودي، پاپڙ، کنڊ واري کان??وء?? چانور جي ڪارپوريٽ آفيس ۽ بزنس کانسواءِ هڪ سال ۾ 10 ڪروڙ رپيا ٻاهر ويا ۽ اڪائونٽ ۾ اچي ويا. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.