اسل??م آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسي??بل?? 2020ع جي دوران ڪورونا جي صورتحال ج?? باوجود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ان دوران 58 سرڪاري بل ۽ 14 آرڊيننس پيش ڪيا جڏهن ته 31 سرڪاري بل منظور ٿيا، قومي اسي??بل?? سيڪريٽريٽ موجب پهرين جنوري 2020ع کان 31 ڊسمبر 2020ع تائين قومي اسي??بل?? جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صرف موثر قانونسازي ۽ پارليامينٽ جي نگراني ئي ملڪ کي درپيش سڀني معاشي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي وب??ئي مرض جي ڪري سامهون ايندڙ سنگين چئلينجن جي باوجود 2020ع ۾ قومي اسي??بل?? جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي، هن چيو ته موجوده حڪومت پارليامينٽ جي بالادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ عوامي نمائنده هجڻ جي حيثيت سان پارليامينٽ جا ميمبر موثر قانونسازي جي ذريعي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا، اسپيڪر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي عوام جي ڀل??ئي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اسي??بل?? سيڪريٽريٽ موجب 2020ع جي سال ۾ ڪووڊ – 19 وب??ئي مرض سڄي دنيا ۾ زندگي جي معاملن کي بري طرح متاثر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري درپيش چئلينجن جي باوجود قومي اسي??بل?? ثابت قدمي سان قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾مل??ئي بيٺل رهي ۽ ملڪ ۾ معاشرتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي، ايوان قومي اهميت جي معاملن ۽ التوا وارين رٿن جي ذريعي بحث ۽ ميمبرن پاران پڇيل سوالن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏنو، سال 2020ع دوران ايوان جي قانونسازي جي شعبي ۾ ايوان جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي.