اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پروگرام سماجي صحت جي تحفظ جو هڪ عالمگير فليگ شپ پروگرام آهي، جنهن وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولتن جي فراهي يقيني بڻائي ويندي آهي. اهو پروگرام انڊور پيشنٽ جي سارسنڀال ۽ علاج لاءِ آهي تنهن هوندي به مستقبل ۾ ان ??و دائ??و آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌا??و ويندو. مستحقين جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪئي ويندي آهي جنهن جي نادرا تصديق ڪندو آهي، سرڪاري ذريعن موجب قوم?? خوشحالي سروي جي ذريعي غربت بابت ڊيٽابيس کي شامل ڪ??و ويندو، 2016ع کان 2018ع جي دوران ??ن پروگرام جي پهرين مرحلي جو آغاز ڪ??و ويو جنهن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان ??هن. ان پروگرام تحت گهٽ خرچ وارين بيمارين جي لاءِ سا??يا??و 50 هزار جڏهن ته 2 لک 50 هزار روپيا هر ان ??اندان کي فراهم ڪيا پيا وڃن جن ۾ 7 ترجيحي بيمارين مان ڪنهن هڪ جي نشاندهي ٿيندي، ان ??رصي دوران ??هو پروگرام سڄي ملڪ جي 38 ضلعن ۾ شروع ڪ??و ويو جنهن ۾ 32 لک خاندانن کي پهچ ڏني وئي آهي. 2019ع ۾ ان پروگرام جي ٻئي مرحلي جو آغاز ڪ??و ويو، ان پروگرام تحت اهڙيون بيماريون جنهن جا گهٽ خرچ آهن في خاندان 60 هزار روپيا جڏهن ته اهڙين بيمارين جنهن جا خرچا وڌيڪ ايندا هجن انهن تي في خاندان 3 لک روپيا ڏنا ويا ۽ ان ??و دائرو 92 لک خاندانن تائين وڌا??و ويو، اهو پروگرام آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت گلگت بلتستان، پنجاب، ٿرپارڪر ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺئتي پيل ضلعن جي ضرورتمند خاندانن کي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، قومي صحت ڪارڊ جي پروگرام ۾ مريضن جا آپريشن، دل جي مريضن کي اسٽنٽس وجهڻ، ڪينسر جي مريضن جي علاج، نيورو سرجيڪل پروسيجر، باهه سبب سڙيل مريضن جو علاج، حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهو، گردي جي مريضن جي لاءِ ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت جي سهولت ۽ ٻي ضروري طبي امدادي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته عورتن جي لاءِ ميٽرنٽي پيڪيج فراهم ڪ??و ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي دوران وفاقي حڪومت ڪوشان ??هي ته ان پروگرام جو دائري ڪار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 12 لک خاندانن تائين وڌا??و وڃي، وزيراعظم جي قومي هيلٿ سروسز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وزيراعظم عالمگير هيلٿ ڪوريج ويزن تحت نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت صوبن ۽ علائقن جي سهڪار سان ??حت سهولت پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. مريضن جي اطمينان ??ي جائزي مان ??اهر ٿيو آهي ته 97.5 سيڪڙو اطمينان ??خش شرح سامهون آئي آهي، موجوده حڪومت صحت پروگرام جي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏئي ڇڏي آهي. نادرا سان ??جسٽرڊ معذور ماڻهن جي لاءِ به اها سهولت دستياب هوندي، پروگرام جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ??حريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي منشور تحت سمورن شهرين کي معياري سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ صحت سهولت پروگرام تحت صحت انصاف ڪارڊ پروگرام کي سگهه ڏيندي، ان پروگرام تحت غريب خاندانن کي انڊور هيلٿ ڪيئر سروسز جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته مريضن جي علاج کانپوءِ کين گهرن ۾ منتقلي جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.