اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان م??ظو??ي جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏ??ڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آه??، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سن?? صوبي ۾ هائوسنگ منصوبن جي حوالي سان هيستائين مليل م??ظو??ين ۽ ايراضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هن وقت تائين 25607 درخواستون مليون آهن، جيڪي 120.84 ملين چورس فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان هيون، انهن درخواستن مان 17572 درخواستون م??ظو?? ڪيون ويون آهن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس فوٽ آهي، م??ظو?? ٿيل منصوبن ۾ رهائشي منصوبن جي ايراضي 46.09 ملين چورس ف??ٽ جڏهن ته ڪمرشل تعميرات جي ايراضي 17.56 ملين چورس فوٽ آهي، باقي ايراضي تي تعميراتي منصوبن جون درخواستون غور هيٺ آهن. سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سن?? صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصوبن جي م??ظو??ي ڏني وئي آهي.