ڪلرسيدان – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مد?? جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، اهو ڪو احسان نه آهي، مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ مد?? ڪنداسين، مستحق ماڻهن تائين انهن جو حق پهچائڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، غير مستحق ماڻهن کي احساس پروگرام جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، مفت علاج جي لاءِ ڪمزور طبقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت به فراهم ڪري رهيا آهيون، نيا پاڪستان ه??ئو??نگ اسڪيم تي ڪم جاري آهي، اين جي او سان گڏجي مستحق ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ويندي، احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان ??قم ورهائي ويندي. هن اهڙن خيان ??و اظهار ڪلرسيدان ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي مستحق ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هئي. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته احساس پروگرام تحت مالي مد?? جي مع??شري جي انهن ڪمزور ۽ مستحق ماڻهن کي فراهمي حڪومت جو احساس نه پر فرض آهي، جيڪي مشڪلاتن جو شڪار آهن. حڪومت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ به فراهم ڪندي جنهن تحت اهي ڪنهن به اسپتال مان ??اڍا ست لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگه??دا. وزيراعظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي مالي مد?? جي فراهمي جاري رهندي، ان کانسواءِ اخوت اين جي او سان گڏجي مع??شري جي ڪمزور ترين طبقن جي لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن، نيا پاڪستان ه??ئو??نگ اسڪيم تي به ڪم جاري آهي ۽ اهو انهن مزدورن جي لاءِ آهي جيڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.