اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ بحران جي انڪوائري ڪندڙ ڪميشن کي ڌمڪين ۽ بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي سان اڻوڻندڙ رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي باور ڪرايو ته اٽي ۽ کنڊ بحران جي 25 اپريل جي فرانزڪ رپورٽ ۾ سفارشن موجب ايڪشن ۽ نظام ۾ موجود خاميون ختم ڪيون وينديون، وزيراعظم پاڪستاني عوام کي يقين ڏياريو ته احساس ??روگرام ۾ سياسي صوابديد نه آهي، هر اهو شخص جيڪو حقدار آهي ان کي انصاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي حق پهچايو ??يو ??ڃي، وفاقي ڪابينا ڪڇي ڪينال انڪوائري ايف آءِ اي کان واپس وٺي نيب جي حوالي ڪ??ڻ، ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن، يونيورسل سروس فنڊ ۾ وڌيڪ ضلعن کي شامل ڪ??ڻ، اويڪيو ??رسٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ ٽاسڪ فورس جي تجويزن، اويڪيو ??رسٽ بورڊ جي عمارتن کي فلاحي ڪمن لاءِ استعمال ڪ??ڻ، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي لاءِ ڪيش وصو??ي جون جايون 15 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم خاص معاون شهزاد اڪبر کي کنڊ ۽ ڪڻڪ جي حوالي سان انڪوائري رپورٽ کي ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.