اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪابينا نواز شريف کي انساني هم??ردي ۽ قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڌرڻي ??ار?? بند گهٽيءَ ۾ پهچي چڪا آهن، سي پيڪ تحت م??صوبن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان صوبن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ تبديلي جاچڻ جي لاءِ ٺوس طريقيڪار تحت هفتيوار بنيادن تي رپورٽ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معاشي استحڪام کانپوءِ حڪومت م??انگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت م??انگي ايل اين جي خريد ڪرڻ بدران قابل تجديد توانائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪابينا اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏ??ندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته 2018ع جي چونڊن جي شفافيت جي جاچ جي حوالي سان حڪومت جي ڪردار بابت م??ڊيا ذريعي ڪجهه حلقن پاران منفي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي.