اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته موسمياتي ت??ديلي جي مضر اثرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي، پ??ڪستان قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ موسمياتي ت??ديلي جي عملن کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار صاف ۽ سرسبز مس??قبل جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ قدم جاري رکندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هُن ڌرتيءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ڌرتيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد اسان سڀني کي زمين جي حفاظت جي ذميواري جي ياد ڏيارڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هن سياري جي ت??فظ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ آهي. هن چيو ته 2024ع جو ڌرتيءَ جو ڏهاڙو Planet vs Plastics جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد 2040ع تائين پلاسٽڪ جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻ آهي، اچو اڄ جي ڏينهن اسان پلاسٽڪ جي ذميواراڻي استعمال جو عزم ڪريون، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال نه رڳو اسان جي ندين، دريائن ۽ سمنڊن کي گدلو ڪري رهيو آهي پر اهو اسان جي خواڪ ۾ شامل ٿي سڌوسنئون انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان موسمياتي ت??ديلي کان سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، تنهن هوندي به موسمياتي ت??ديلي جي اسان جي ملڪي ت??قي ۽ خوشحالي تي مضر اثرن ۽ عام ماڻهو جي معاشي سلامتي جي لاءِ خطري جي حوالي سان آگاهي جي کوٽ آهي، هر گذرندڙ سال موسمياتي ت??ديلي جي مضر اثرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بدلجندڙ موسم، وڌندڙ گرمي پد، بي وقت برسات جي موسم، تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز ۽ انهن سڀني جي نتيجي ۾ قدرتي آفتن سان گڏوگڏ سطح سمنڊ جي بلندي، سامونڊي گرمي پد ۾ اضافو ۽ قدرتي ماحولياتي نظام جو خاتمو موسمياتي ت??ديلي جون واضح نشانيون آهن، انهن سڀني عنصرن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي شديد خطرن خاص طور تي اقتصادي خطرا لاڳو آهن، انهي کي نظر ۾ رکندي اسان انهن خطرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ پائيدار قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته پاڪستان جي حڪومت پلاسٽڪ جي ذميواراڻي استعمال جي حوالي سان موثر قدم کڻي رهي آهي، حڪومت لاڳاپيل وزارتن، صوبائي ماحولياتي ادارن، اسلام آباد انتظاميا، صنعتن ۽ ٻين ڌرين سان مشاورت ۽ تعاون سان سنگل يوز پلاسٽڪ جي خاتمي بابت ريگيوليشنز 2023ع ٺاهيا ۽ سمورين وفاقي وزارتن ۾ پولي ايٿائيلين ٽريفٿيليٽ (PET) بوتلن جي استعمال تي مڪمل پابندي هنئي، ڄاڻايل قدم حڪومت جي سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال جي حوصلا شڪني ڪرڻ، پلاسٽڪ جي ڪچري کي گهٽ ڪرڻ ۽ پلاسٽڪ جي ٻيهر استعمال جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته پلاسٽڪ کان پاڪ معاشري ۽ پاڪستان ۾ پلاسٽڪ سان پيدا ٿيندڙ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جي استعمال جي مجموعي سطح تي حوصلا شڪني ضروري آهي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جو سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال کي روڪڻ ۾ ڪردار انتهائي اهم آهي، سمورين ڌرين کي اپيل ڪندس ته اهي اسان جي ملڪ ۽ زمين جي ت??فظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته منهنجي پنهنجي سمورن پاڪستانين کي به اپيل آهي ته اهي ان اهم مشن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين، اچو اسان سڀ گڏجي سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال کي رد ڪرڻ، ماحول دوست متبادل جي استعمال، ري سائيڪلنگ ۽ ماحولياتي ت??فظ جي لاءِ معاشري ۾ ٺوس پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هجڻ جي ناطي اسان خوش نصيب آهيون جو اسان وٽ خوبصورت جابلو سلسلا، گهاٽا ٻيلا، نديون ۽ ڊگهي سامونڊي پٽيءَ آهي، انهن خوبصورت قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ذميواري اسان تي لاڳو ٿئي ٿي، پ??ڪستان انهن قدرتين وسيلن جي حفاظت ۽ موسمياتي ت??ديلي جي عملن کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ پائيدار، صاف ۽ سرسبز مس??قبل جي ت??مير جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ قدم جاري رکندو.