شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي مصر شرم الشيخ دوري جي دوران اڄ سومر تي مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ ??اران بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ” شرم الشيخ ڪلائيميٽ امپلي منٽيشن سمٽ?? ۾ شرڪت جي لاءِ شرم الشيخ انٽرنيشنل ڪنونشن سينٽر ايندو. جتي هو سمٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شر??ت ڪندو. وزيراعظم اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي سيڪريٽري انتونيوگوتيرس سان ملاقات ڪندو. جنهن کان پوءِ ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ٽيڪ آئوٽ ڏيندا. وزيراعظم هڪ اهم رائونڊ ٽيبل جنهن جو عنوان ”ارلي وارننگ ??ار آل ايگزيڪٽو پلانز لانچ“ آهي. ۾ شر??ت ڪندو. ان کان علاوه وزيراعظم سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو سمٽ?? ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم جي مصر جي صدر ۽ ڪويت جي ??مي?? سان ملاقاتون به متوقع آهن.