اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪا??ينا ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 192 ملڪن جي لاءِ پاڪستاني ويزا کي آن لائين ڪرڻ جي سفارشن، نيشنل ايسيٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ مسودو قانون واري وزارت ڏانهن موڪلڻ، تصفيي جي متبادل نظام جي حوالي ??ان قانون تحت غيرجانبدار شخصيتن تي ٻڌل پينل جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪا??ينا گم ٿيل ماڻهن جي حوالي ??ان خصوصي ڪميٽي کي 6 هفتن ۾ پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ??ي مستقل حل جي حوالي ??ان پرعزم آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ گم ٿيل ماڻهن جو ڪو واقعو ناهي ٿيو، وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته سينيٽ ۾ پئسي جي ذريعي اچڻ جو رستو سدائين جي لاءِ روڪيو وڃي ان جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ۽ آئيني ترميمون ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ماضي ۾ اهڙو ڪو مثال نه ٿو ملي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪا??ينا ??رح??م شاهد گوندل جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن پاران مختلف شخصيتن کي فر??هم ڪيل پوليس اسڪواد جا سمورا تفصيل طلب ڪيا وڃن ته جيئن ان نظام کي منظم (ريشنلائيز) ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته غيرضروري پوليس اسڪواڊ جي فر??همي رياستي وسيلن جو زيان آهي جيڪو موجوده حڪومت جي پاليسي جي خلاف آهي. قبضا مافيا جي خلاف جاري مهم جي حوالي ??ان ڳالهائيندي مختلف وزيرن ٻڌايو ته سول ايوي ايشن، ريلوي وغيره جهڙن سرڪاري ادارن جي هزارين ايڪڙ زمين غيرقانوني قبضي ۾ آهي. ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل اڍائي سالن ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمين آزاد ??رائي وئي آهي. ڪا??ينا جي سامهون پنجاب صوبي ۾ آزاد ??رايل زمين جا تفصيل پيش ڪندي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ هيستائين 210 ارب رپين جي زمين آزاد ??رائي وئي آهي. ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ نه رڳو قبضا مافيا جي سرڪاري سطح تي سرپرستي ڪئي وئي پر ڪجهه سياسي پارٽين جون شخصيتون به غيرقانوني قبضن ۾ ملوث رهيون آهن. هيستائين 36 سياسي شخصيتن کان 24 ارب رپيا ماليت جي 8 هزار ايڪڙ زمين آزاد ??رائي وئي آهي. اجلاس آڏو اڳوڻي حڪومت سان تعلق رکندڙ مختلف شخصيتن ۽ انهن جي قبضي مان آزاد ??رايل زمين جا تفصيل پيش ڪيا ويا. ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين جو مڪمل رڪارڊ رکڻ، سرڪاري ملڪيتن کي غيرقانوني قبضن کان آزاد ??رائڻ ۽ انهن جو موثر استعمال يقيني بڻائڻ جي لاءِ نيشنل ايسيٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي ??ان تجويز ڪيل قانون جو مسودو قانون واري وزارت ڏانهن موڪليو ويو آهي. قانون واري وزارت جي منظوري سان مسودي کي قانوني شڪل ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. ڪا??ينا کي نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت جاري مختلف منصوبن خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي ڇت جي فر??همي جي حوالي ??ان شروع ڪيل منصوبن ۾ هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.