اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سياچن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، ا??ان جي منزل سري نگر ان خواب جي تعبير آهي جيڪ?? قائداعظم ڏٺو هو. نئون سياسي نقشو ??اري ??رڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جاري ??يل نئون نقشو پاڪستان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئين سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ??ني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري نقشو پاڪستاني قوم جي ترجماني ڪري ٿو. نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرو?? کي واضح طور تي ڏيکاريو ويو جڏهن ته نئين نقشي ۾ سياچن کي پاڪستان جو علائقو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير هاڻي پاڪستان جي نقشي جو حصو آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ??ڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقشو ??ڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.