اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير جي بگڙجندڙ صورتحال تي پارلياماني سفارتڪاري لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ٻئي ڏينهن به دوست ملڪن جي پارليامينٽ جي سربراهن سان رابطي جي سلسلي ۾ ايران جي مجلس اسلامي جي سربراهه ڊاڪٽر علي لاريجاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته ڪشمير جي مسئلي کي آئن??ه ٿيندڙ اسپيڪر ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ رکيو ويندو، اسپيڪر علي لاريجاني کي ڀارت طرفان ڪشميرين تي ڪ??ل ظلمن ۽ والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو، هن ڀارتي آئي?? ۾ ??ڪطرفي ترميم جي ذريعي ڪشمير جي خصوصي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ظالماڻي ڀارتي قدم کان آگاهه ڪيو.