اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي مناسبت سان شاندار پريڊ جي انعقاد تي ٽنهي هٿياربند فوج جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ??سا?? هڪ قوم آهيون، اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌندي قومي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ شريڪ سمورن شرڪت ??ندڙن ۽ دوست ملڪن جي فوجن جي دستن اعليٰ پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، ??زيراعظم چيو ته چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت کي گلدستو بڻائي پيش ڪيو ويو. پريڊ ۾ ??سا?? جي هٿياربند فوجن نيوي ۽ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي جهلڪ پوري دنيا ڏٺي.