اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ۽ ويڙهه نه آهي، اسان جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي جنهن سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخالف ڌر حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام جي مفادن جي حوالي سان قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي، ملڪ ۽ عوام جي مفادن جي لاءِ حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ڪ?? ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪومت مخالف ڌر پارٽين جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان ن??مي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائ??ند?? هن چيو ته حڪومت مخالف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ جلوسن سان گهٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪ?? ٿا جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم هجي.