اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل کي تسليم نه ڪ??ڻ جي وزيراعظم عمران خا?? جي پاليسي بيان جي ??جيان ڪندي چيو آهي ته اسان فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل جا حامي آهيون، ڪشميرين کي ڪڏهن به اڪليو نه ڇڏينداسين، ڀارت هر معاهدي ۽ عالمي قانونن جي ??لاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت جي موجوده هندو توا فاشٽ پاليسي قائم نه رهندي پر ڪشمير جلد آزاد ٿيندو، سعودي عرب سان لاڳاپا مستحڪم آهن ۽ رهندا، سول ۽ عسڪري قيادت، سمورا ادارا ۽ ميڊيا هڪ پيج تي آهن، اسان سڀ قانوني، معاشي ۽ معاشرتي انصاف چاهيون ٿا، اسان ڪرپشن تي ٺاهه ڪ??ڻ نٿا چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته ترقي جي ??مل ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هجي، مشڪل حالتن جي ??اوجود معيشت ڪاميابي طرف گامزن آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪستا?? جي معاشي درجا بندي کي بهتر بڻايو آهي، ديامر ڀاشا ڊيم جي ??ڪميل سان ملڪي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿينديون، ايم ايل ون منصوبي سان تيز ترين سفري سهولتون ميسر اينديون، تعليم جي فروغ، صحت ڪارڊ ۽ هڪجهڙي قومي نصاب جي ??ياري حڪومت جا اهم قدم آهن، آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي ڪري قومي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسلام جي ??صولن موجب عورتن جي ??ق وراثت جي پاسداري کي يقيني بڻائڻ گهرجي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ??عاون سان ڪراچي جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، قوم دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ٻين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، ڪورونا صورتحال دوران ڪمزور طبقن لاءِ رليف پڪيج قابل ستائش قدم آهي. خميس ڏينهن ٽئين پارلياماني س??ل جي آغاز تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوان?? جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻي پارلياماني س??ل جي تڪميل تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مون کي اڄ ٽيون ڀيرو ان عظيم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي مخاطب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي ۽ آئون ان تي الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهيان. صدر چيو ته قومن جي ??ندگي ۾ ڪجهه لمحا اهڙا هوندا آه?? جيڪي پنهنجي ??ثرن سان تاريخ جي ڌارا موڙي ڇڏيندا آهن، پاڪستان به اهڙي ئي هڪ موڙ تي آهي، اهو بهترين موقعو آهي ته ويجهي ماضي جي واقعن تي هڪ نظر وجهندي گذريل هڪ س??ل جو تجزيو ڪريون ۽ ڏسون ته ڇا سکيو، ڇا ڪيو؟ سٺو يا خراب ڪيو ۽ ڇا ڪرڻو آهي؟ ۽ مستقبل جي ??ستن جو تعين ڪريون. هن چيو ته ٽي شيون دهشتگردي جو مقابلو، افغان پناهگيرن ۽ پنهنجي ??ندر انتهاپسندي جو مقابلو اهڙيون آهن جنهن جي ??فصيلن کان توهان سڀ واقف آهيو ۽ انهن چئلينجز تي پوري قوم ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. پاڪستان 35 لک افغان پناهگير?? جي ميزباني ڪئي جڏهن ته اسان کي انسانيت جو سبق ڏيندڙ ملڪ پرڏيهين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن،انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني عوام قومي بڻجي ??امهون آئي، قوم، پاڪستاني فوج ۽ سياستدانن کي انهن ڪاميابين تي مبارڪباد ڏيان ٿو.