اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسبين کي س??تي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ت??ئين رسائي وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده قانون ۾ ترمي?? ڪري محتسب جي اداري کي وڌي?? موثر بڻايو وڃي، محتسب جا ادارا پنهنجو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪن ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻائين، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي لاءِ ميڊيا مهم هلائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي محتسبين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.