اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪچين آبادين کي جديد رخن تي ترقي ڏئي انهن ۾ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ماضي ۾ معاشري جي ??ريب طبقن کي نظر انداز ڪيو ويو، انهن جي ??ندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ ق??م کڻڻا پوندا. هو ايوان صدر ۾ ڪچين آبادين کي ترقي يافته شڪل ڏيڻ جي لاءِ منعقد اجلاس جي ??دارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، صوبائي اسيمبلي ميمبر فردوس شميم نقوي، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين انور حيدر، صدر جي ??يڪريٽري طارق نجيب نجمي، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري عمران زيب خان، اين پي ايڇ اي جي ڊپٽي چيئرمين، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.