اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائو??ٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائي حڪومت جي وڏي ??اميابي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته حڪومت کي شروع ۾ ئي پرڏيهي ناڻي جي گهٽ ذخيرن جو مسئلو درپ??ش هو، آمدني واپار تي پرڏيهي ناڻي جو ڪاٿو روانگي واپار کان ٻيڻ کان به وڌيڪ هو، ان جي ڪري ڪرنٽ اڪائو??ٽ خسارو 20 ارب جي لڳ ڀڳ پهچي ويو هو، حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم کنيا، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، حڪومت جي ڪوششن سان ڪرنٽ اڪائو??ٽ خسارو 20 ارب ڊالر مان گهٽ ٿي 3 ارب ڊالر جي سطح تي آندو ويو، اها هڪ وڏي ??اميابي آهي.