اسلام آباد – 06 اپريل (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجر??ڻي ڪرونا وائرس جي عالمي وبا کان متاثر ملڪن جي اڳواڻن ۽ حڪومتي سربراهن کي خط لکيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ ??وج?? سينيٽ چيئرمين ڪرونا وائرس جي ڪري ٿيندڙ فوتگين تي پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس هڪ غيرمعمولي عالمي چئلنج آهي، جنهن کان هر شخص متاثر ٿيو آهي. سينيٽ چيئرمين پاران لکيل خطن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ان بحران سان جتي تباهي ٿي آهي اتي عالمي دنيا کي متحد ٿيڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي. سينيٽ جي چيئرمين جرمن چانسلر، اس??ين ۽ اٽلي جي وزيراعظمن کي خط لکيا ۽ پاڪستان پاران هر قسم جي معاونت ج?? آڇ ڪئي.