اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي ڊجيٽل منتقلي جي پا??يسي ايندڙ هفتي دوران وزيراعظم عمران خان کي پي?? ڪئي ويندي ته جئين براڊ ڪاسٽر جي نشرياتي نظام کي اينالاگ سان ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اطلا??ات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ دوران ڪيو، جيڪو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد امين الحق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.