اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته آئون چونڊيل وزيراعظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون کان استعيفا وٺي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪڏهن اسان مخالف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ آياسين ته نسلون معاف نه ڪنديون، مشن کڻي سياست ۾ آيو آهيان، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، مخالف ڌر وٽ ڪوبه اخلاقي جواز ناهي، مخالف ڌر مال ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، اسان عدليه ۽ نيب تي ڪو به دٻاءُ ناهي وڌو، نيب اسان جي وزيرن کي به گهرايو جنهن تي اعتراض ناهي، نجي ٽي وي چئنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چي?? ته اسان مشڪل حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو، معيشت ويٺل هئي، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، تنقيد ڪئي وئي، صحافين مشڪل وقت ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، وزيراعظم چي?? ته ڪجهه ميڊيا هائوسز جو ڪردار سٺو رهيو ۽ ڪجهه جو سٺو نه رهيو، هن چي?? ته آرمي چي?? جنرل قمر جاويد باج??ه مون کان پڇي سياستدانن سان گڏجاڻي ڪئي، هن چي?? ته فوج منهنجي لاءِ اث??ثو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي سان قانونسازي ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم چي?? ته ڀارت نواز شريف جي مدد ڪري رهيو آهي