اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراعظم عمران خ??ن دنيا کي ڪشمير مسئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي، مودي جو فاشسزم ??ور?? دنيا آ??و ظاهر ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي جي حوالي سان صحيح رخ طرف گامزن آهي ۽ مون کي ??ور?? يقين آهي ته تمام جلد ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن عالمي فورمز تي موثر انداز سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي، دنيا اڳ ۾ ان مسئلي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني مس??لو سمجهندي رهي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران دنيا کي ان مسئلي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، انساني حقن جون تنظيمون، ??ور?? يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ڪشمير مسئلي تي ڳاله?? ڪري رهيا آهن.