اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آه?? ته ملڪ ۾ فيصلا حرام جو پئسو ٺاهيندڙ نه پر عوام ڪندي، عمران خان نه رڳو پاڪستان پر امت جو ليڊر آه??، هي جنگ عمران خان پاڪستان جي لاءِ نه مسلمان امت جي لاءِ کٽيندو، عوام جي خواهش آه?? ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جيل جي سلاخن جي پٺيان هجن. پريڊ گرائونڊ ۾ امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته انسان جي سڃاڻپ ان سان ٿئي ته ان جي مخالفت ڪير ڪري رهيو آه??، هن وقت عمران خان جي خلاف اهي ماڻهو بيٺل آه?? جيڪي سياست ۾ حرام جو پئسو استعمال ڪري رهيا آه??، انهن مان هڪ جون ڪانپين ٽانگ رهيون آه??. ٻيو فضل الرحمان آه?? جيڪو پنهنجو پاڻ کي مولانا چوي ٿو پر چوي ٿو ته ??و بائيڊن دنيا جو ليڊر آه??، اهو فضل الرحمان جو ليڊر ٿي سگهي ٿو پر اسان جو نه آه??. وزيراعظم عمران خان جي خلاف ٽيون اهو بيٺل آه?? جيڪو بوٽ پالش ڪري ٿو، هاڻي بوٽ ختم ٿي ويا ته هو ولايتي بوٽ پالش ڪري رهيو آه??. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪي ملڪيتون نه ٺاهي رهيو آه??، هو پنهنجي ٻارن جي لاءِ سياسي ملڪيتون نه ٺاهي رهيو آه?? ۽ نه ئي فيڪٽريون ٺهي رهيون آه??، عمران خان هن ملڪ جي نوجوانن جي جنگ وڙهي رهيو آه??. هن چيو ته هن ملڪ ۾ فيصلا حرام جو پئسو ٺاهيندڙ نه پر عوام ڪندي. هي جنگ پاڪستان جي جنگ آه??، پاڪستان 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آه?? هن ملڪ جي ماضي جي حڪمرانن جي چوري جو پئسو ملڪ کان ٻاهر پيل آه??. وفاقي وزير چيو ته عمران خان دنيا کي ٻڌايو ته اسان امن سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا پر اسان کي غلامي قبول نه آه??. هن چيو ته دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف جنوني مهم جوئي ٿي، ڪڏهن ڪارٽون ڇپيا ۽ ڪڏهن اسان جي مقدس شخصيتن کي نشانو بڻايو ويو، بدقسمتي سان حرام کائيندڙ حڪمرانن کي جرئت نه هئي جو اهي معاملو اٿارين، وزيراعظم عمران خان اکين ۾ اکيون وجهي چيو ته اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ واضح ڪيو ته حرمت رسول ﷺ جي لاءِ جان به قربان آه??، وزيراعظم ان ۾ سرخرو ٿيو ۽ هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل قومن تحت ڏينهن ملهايو ويندو. هن وزيراعظم کي مخاطب ڪندي چيو ته بي اعتمادي رٿ ڪوڙي شيءَ آه??، توهان نه رڳو پاڪستان پر امت جا ليڊر آه??و، هي جنگ توهان پاڪستان جي لاءِ نه مسلمان امت جي لاءِ کٽيندا، اليڪشن 2023ع ۾ ٿينديون پر جهڙي طرح توهان قوم کي جاڳايو، منهنجي دل چوي ٿي ته اليڪشن جي تاريخ ڏئي ڇڏيو انهن کي خبر پئجي ويندي ته پاڪستان ڪنهن سان گڏ بيٺل آه??. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ محبت اقتدار جي هوندي آه?? ۽ هڪ محبت عوام جي هوندي آه??. عوام وزيراعظم سان محبت ڪري ٿي. هن چيو ته چور ۽ ڦورو گڏ ٿي ويا آه??، گينگ آف ٿري قزافي، صدام حسين ۽ اسامه جو مال نه ڇڏيو، نواز شريف سازش ڪري لنڊن ويو، اڄ انهن جي جلسي جي حالت ڏسو ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آه??. هن چيو ته قوم مهانگائي، بيروزگاري، بجلي ۽ گئس جي مهانگائي کي برداشت ڪيو آه?? پر انهن جي خواهش آه?? ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جيل جي سلاخن جي پٺيان هجن. عمران اسماعيل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻه چوها لنڊن ۾ لڪل آه?? ۽ ٽي پاڪستان ۾ آه??.