اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهردين ملاقات ڪئي. اها ملاقات اسلامي تعاون ت??ظيم جي 48 هين اج??اس جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران هن گڏيل دلچسپي ج?? سمورن شعبن ۾ وڌ??دڙ ٻطرفي تعاون ت?? اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري دوري ج?? حوالو ڏنو ۽ دوري دوران ڪيل فيصلن ت?? عملدرآمد تي اطمينان جو اطهار ڪيو، وزيراعظم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي ج??د مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزيراعظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙپڪاري ج?? شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي جامع طور تي بهتر بڻائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌ??دڙ رابطن کي به اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ جي وقت سر ??ڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، وزيراعظم افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي زور ڏنو. علائقائي خوشحالي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان سڀني ج?? مفاد ۾ آهي.