اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاناما، پنڊورا ۽ هاڻي سوئس اڪائونٽس مان اها ئي ڪهاڻي سامهون آئي ته اڳ ۾ پئسا چوري ڪريو، پوءِ ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو، ڪر??شن ۽ مني لانڊرنگ پاڪستان جهڙن ملڪ جو اهم ترين ??سئلو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ان مسئلي تي مسلسل آواز ??ٿا??ي رهيو آهي ته امير ملڪ غريب ملڪن جي ان استحصال کي روڪين. هن چيو ته مني لانڊرنگ ڪندڙ سڀ گڏ ٿي هاڻي ا??حاد بڻائي رهيا آهن.