اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي ق??ارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چيو هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ خود مختياري جو موقعو فراهم ڪري، اڄ سڄي دنيا سميت ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن ۾ اهو ڏينهن ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. مملڪتي و??ير فرخ حبيب 5 جنوري خودمختياري جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي ق??ارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چيو ويو هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ خود اراديت جو موقعو فراهم ڪري. مملڪتي و??ير چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ پاڻ ڀارت کڻ?? ويو هو ۽ ڀارت متفقه قرارداد جي ذريعي سڄي دنيا سان وچن ڪيو هو ته هو ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏيندو. هن چيو ته ڪشمير جي بي گناهه پر غيور عوام ڀرپور جذبي سان تحريڪ هلائي، فرخ حبيب چيو ته ڀارتي فوج ڪشميرين جي خلاف رياستي دهشتگردي جو بدترين سلسلو جاري رکيو آهي، مملڪتي و??ير چيو ته يورپي يونين سميت عالمي برادري ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل رياست ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون ب??د ڪري ۽ ان مسئلي جو ڪو اهڙو حل ڪڍيو وڃي جيڪو سمورين ڌرين لاءِ قبول جوڳو هجي.