اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) ??وم?? اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پا??ست??ن جي سول سوسائٽي جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پارليامينٽ جمهوريت کي ڪاميابي سان وڌندي ويجهندي ڏسڻ چاهي ٿي. ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل، ڊي آر آئي نيشنل ڪانفرنس کي خطا?? ڪندي هن ڊي آر آئي ??وم?? ڪانفرنس جي انعقاد کي ساراهيو ۽ چيو ته سول سوسائٽي جو ڪم معاشري ۾ بي حد اهميت رکندڙ آهي، حڪومت سول سوسائٽي سان ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ۾ ٻارن جي بهتري لاءِ ق??نون سازي ٿي رهي آهي، اسلام آباد ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ شيلٽر هومز به ٺاهيا پيا وڃن، ??وم?? اسيمبلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا ان تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي آهي، چونڊ سڌارن کانپوءِ جمهوريت کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، هن چيو ته سول سوسائٽي کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ان جي صلاحيت ??وجب موقعو ڏنو وڃي جنهن لاءِ پارليامينٽ جا دروازا کليل آهن.