اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سال 2021ع پاڪ چين ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، پاڪ چين دوستي نه رڳو حڪومتي حڪومتي سطح تي پر عوامي سطح تي به قائم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نانگ رانگ سان سندس رهائشگاهه تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته چين سدائين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ ٻئي ملڪ دنيا جي سمورن اهم فورمن تي مختلف عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندا آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي ۽ سي ??يڪ جي ڪري پاڪستان خطي جو معاشي حب ثابت ٿيندو. هن چيو ته سي ??يڪ گڏيل ترقي جا ب?? پناه?? موقعا فراهم ڪري ٿو ۽ سي پيڪ ??نصوبن سان روزگار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ميسر ايندا. سي ??يڪ جي ڪري پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي جي رفتار تيز ٿي آهي ۽ پاڪستان چين دوستي مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي