اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي مجموعي طور 32 سيڪڙو، مسلم ليگ (ن) 56 سيڪڙو جڏهن ته ??وج??ده حڪومت ٽن سالن ۾ 21 سيڪڙو قرض ورتو، حڪومت ساليانو 3 هزار ارب روپيا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڏئي رهي آهي. ??وج??ده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ مان قرضن تي وياج جي ادائيگي ڪڍون ته ??ڪومت جو پرائمري بيلنس سرپلس ۾ آهي، يعني بجيٽ موجب حڪومتي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته 2008ع ۾ ٻاهريان قرض 46 بلين ڊالر ??ئا جيڪي 2013ع تائين وڌي ڪري 60.09 ملين ڊالر ??ئا، پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ جا ٻاهريان قرض 95.24 بلين ڊالر ??ئا، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿيو، ??وج??ده حڪومت مارچ 2021ع تائين مجموعي قرضن جو 21 سيڪڙو قرض ورتو، ??وج??ده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي. هن چيو ته ??ڀئي ڪاميابيون وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪري حاصل ٿيون آهن.