اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ورونا جي ??ئين لهر ۾ ڪافي شدت آهي، ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪريو، دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ٿي وئي آهي، جيڪي ملڪ ويڪسين ٺاهين ٿا اتي به ويڪسين جي کوٽ آهي، هڪ سال ڪورونا کان احتياط ڪيو، ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ کاڌو نه کاڌو، سينيٽ اليڪشن ۾ احتياط نه ڪيو جنهن جي ڪري ڪورونا جو شڪار ٿي ويس. قوم جي ??الي پنهنجي ??يغام ۾ هن چيو ته ??ورونا کان هڪ سال احتياط ڪيو، سماجي ??اصلو به رکيو، سينيٽ اليڪشن ۾ احتياط نه ڪيو جنهن جي ڪري ڪورونا ۾ مبتلا ٿيس، ڪورونا جي ??وجوده لهر خطرناڪ آهي، احتياط ڪريو ۽ ماسڪ پايو، ڪورونا جي ??ئين لهر ۾ ڪافي شدت آهي. پنهنجو ملڪ بند نه ٿا ڪري سگهون، لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، ڪورونا جي ڪري اسان ڪاروبار ۽ فيڪٽريون بند نه ٿا ڪري سگهون، عوام کي اپيل آهي ته ??ورونا ايس او پيز تي عمل ڪري، ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪورونا ڪيس وڌيڪ سامهون اچي رهيا آهن، ڪورونا جي ??ئين لهر انگيلنڊ مان آئي آهي، هڪ سال ۾ ڪنهن شادي ۾ نه ويس ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ کاڌو نه کاڌو، الله مون تي ۽ منهنجي گهرواريءَ تي وڏو ڪرم ڪيو آهي، دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ٿي وئي آهي.